رپورٽ:: هيومن رائيٽس. بکر جمالي پرائمري اسڪول

رپورٽ:: هيومن رائيٽس. بکر جمالي پرائمري اسڪول
اسان جي پياري دوست تعليم سان محبت رکندڙ خوش مزاج ملنسار رحمت الله ٻلال ۽ امير جان ڳاهوٺي سان گڏ هيومن رائيٽس مٽياري جي صدر حسين بخش ڪاڪا ۽ جنرل سيڪريٽري زبير احمد ڇڇر گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بکر جمالي جو دورو ڪيو اسڪول جي صورتحال ڏسي محسوس ٿيو جهڙو اسان ڪنهن فلسطين جي اسڪول جنهن جي مٿان اسرائيل بمباري ڪئي هجي ڏسي ڏک پوهتو. 1901 ۾ تعمير ٿيل هي اسڪول تباه ٿي چڪو آهي.شاباس آهي انهن والدين ۽ استادن کي جيڪي هن خطرناڪ اسڪول ۾ ٻارن کي مجبوري ۾ ويهاريو ويٺا آهن اسڪول جي انتظاميه اپني مدد آپ واري ڳالهه هائيئر اٿارٽيز کي ايپليڪيشنس ڪري ڪري ٿڪجي پيا پر ڪنهن تي به ڪو فرق نه پيو. ان شاءالله 26 فيبروري تي 1 بجي شهر واري پيٽرول پمپ تي هڪ احتجاج ڪيو ويندو جنهن ۾ اهڙن سمورن زبون حال اسڪولن يا فرنيچر جي کوٽ جن اسڪولن ۾ آهي انهن اسڪولن جو آواز بڻبو. سڀني دوستن کي هيومن رائيٽس مٽياري جي ٽيم طرفان پر امن احتجاج ۾ اچڻ جي دعوت ڏجي ٿي.
رحمت الله ٻلال ۽ هيومن رائيٽس مٽياري جي ٽيم

Comments