تعليمي ايمرجنسي جو ٻڏل ٻيڙو

تعليمي ايمرجنسي جو ٻڏل ٻيڙو
دوستو هي اسڪول آزاد پير جهنڊو نيوسعيدآباد جو آهي پهرين کان اٺين تائين تعليم ڏني وڃي ٿي جٿي اسڪول جي بلڊنگ اڌوري آهي پرائيوٽ جڳه تي ٻار تعليم پرائين پيا فرنيچر جي شديد کوٽ آهي پيئڻ جي پاڻي لاءَ ڪو به انتظام ناهي ڇا اهيا تعليمي ايمرجنسي آهي شرن جهڙي ڳاله آ تعليم کاتي لاءَ آيل فنڊ ڳڙڪائي ويلن کي گهرجي ته ٻڏي مرن انهن ۾ انسانيت نالي ڪا شئي ناهي اچو ته پنهنجي پنهنجي زميواري سنڀاليون اسڪولن جي مالڪي ڪيون ۽ اسڪولن لاءَ چندو گڏ ڪري اسڪولن جون سهولتون مهياڪرڻ ۾ مدد ڪيون هر غيرتمند ضمير واري کي گهرجي ته تعليم جي مسئلن کي پنهنجو سمجهي اجاگر ڪري باقي بيضميرن لاءَ ڀوتارن جون اوطاقون خالي آهن جيڪي ڳاڙهي ٻوڙ تي جلوا ڏيکاري بيضميري جو سبوت ڏنو آهي اڄ تائين هاڻي ته غلامي واري زندگي جو انت آڻيو
سڀني باشعور ضمير وارن دوستن يارن استادن ۽ جيڪي به هن مسئلي کي پنهنجو سمجهن انهن کي هٿ ٻڌي گذارش ٿي ڪجي ته هر شهر هر گهر گلي آفيس روڊ رستين تي تعليم لاءَ چندو ڪري تعليمي ادارن ۾ سهولتون پوريون ڪرائڻ لاءَ مدد ڪن ته جيئن معياري تعليم پرائڻ وارن محصوم ٻارن کي ڪا به تڪليف نه هجي
يا چندو ڪري انهن ڪرپٽ ڪامورن جن تعليم کاتي جي پئسن مان ڪرپشن ڪئي آهي انهن تي ڪيس ڪري انهن جي ڀڀ مان پئسا ڪڍيا وڃن ته جيئن تعليم کاتي ۾ سڌرو اچي سگهي











Comments